باغ – 23 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي – 20 ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيندڙ ملڪن کي خراج تحسين ??يش ڪندي چيو آهي ته ڀارت عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقي والاريل سرينگر ۾ ڪانفرنس جي ??ريعي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ڪشميري عوام مودي کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، ڀارت اهڙي قسم جا ڊراما ڪرڻ بدران گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي ??منگن موجب ڪشميرين کي انهن جي ??اءِ جو حق ڏي، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس نه ٿو وٺي ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، سدائين ڪشميرين جي ??دوجهد سان گڏ بيٺل هونداسين، پاڪستان امن پسند ملڪ آهي جڏهن ته ڀارت دهشتگردي ۾ ملوث ??هي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرينگر ۾ جي – 20 ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي ??لاف هڪ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن عوامي ميڙ ۾ آزاد ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان مان سياسي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ آهن جنهن تي انهن جو ٿورائتو آهيان، احتجاجي ??لسي ۾ ڪشميرين جي وڏي انگ ۾ شرڪت تي انهن جو پڻ ٿورائتو آهيان، ڪشميرين ??ودي جي ??ي – 20 ڪانفرنس جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي، نريندر مودي والاريل ڪشمير ۾ ڊرامو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ??هي. پرڏيهي وزير چيو ته هن هڪ سال دوران هر فورم تي ڪشميرين جو آواز موثر طور تي بلند ڪيو آهي، ڪشميري عوام سان نسلن جو تعلق ۽ ساٿ آهي، آئون پنهنجي خاندان جي ٽئين ??سل آهيان جيڪو ڪشميرين جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته ڀارت سمجهي ٿو ته اسان ڪشميرين کي وساري ڇڏينداسين، اسان شهيدن جا وارث آهيون، سڄي زندگي ڪشميرين جي ??دوجهد سان گڏ بيٺل هونداسين، گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشمير مسئلي کي تڪراري علائقو تسليم ڪيو آهي، ڪشميرين کي راءِ جو حق ملڻ کانسواءِ اهو مسئلو حل نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي قراردادن موجب راءِ شماري، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??حفظ ۽ ڪشميرين جي ??زادي جي ??دوجهد جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ڀارت اسان کي دهشتگرد قرار ڏي ٿو، اسان دهشتگردي کان متاثر ٿيا آهيون، اسان دهشتگردن جا نه دهشتگردي کان متاثر ۽ شهيدن جي نمائندگي ڪريون ٿا، جڏهن اسان مودي کي قاتل ۽ ڪاسائي چئون ٿا ته ان وقت هو روئين ??ا، جڏهن ڀارت کي آئينو ڏيکاريو ويو ته ان تي پورو ڀارت سراپا احتجاج آهي، ان جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، هن پاڪستاني پرڏيهي وزير جي ??َر جي قيمت لڳائي، ڇا اهو ڪم دهشتگرد ڪن ٿا يا سياسي پارٽيون ڪن ٿيون، اصل دهشتگرد ڀارت ??هي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪشميرين جي ??دوجهد سان ڀارت جي ??صليت بي نقاب ٿي وئي ??هي. هن چيو ته جي – 70 پلس چائنا ۽ او آءِ سي جي ??جلاسن سميت هر فورم تي ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو ??هي. هن چيو ته جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جو ڪيل هڪطرفو قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت تائين ??تيجاخيز ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم ۾ ڀارت کي کلي ڇوٽ نه پئي ڏئي سگهياسين، ان ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران ڀارتي عوام ۽ ميڊيا کي سڌوسنئون حقيقتن کان آگاهه ڪيو، انهن کي ٻڌايو ته ڪشميرين ۽ مسلمانن بابت انهن کي ڪوڙ ٻڌايو پيو وڃي، اسان دهشتگرد نه آهيون، اسان امن پسند آهيون ۽ امن چاهيون ٿا، سمجهوتا ايڪسپريس تي حملي ۽ گجرات تي دهشت پکيڙيندڙ دهشتگرد آهن، ڀارت ۾ شدت پسند تنظيمن مسلمانن سميت اقليتن ۽ دلتن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو ??هي. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي ڇڏي ته اسان سمورا مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اسان ڪشمير جي ??رقي ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ 9 لک ڀارتي فوج جي موجودگي ۾ س??اح?? ڪيئن فروغ وٺندي، والاريل ڪشمير جيل بڻجي چڪو آهي، ڀارت کي هتي س??اح?? کي فروغ ڏيڻو آهي ته ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏي. هن چيو ته ڪشميري پنهنجي آزادي جي ??دوجهد ۾ ڪامياب ٿيندا، دنيا جي ڪا طاقت هر ظلم ۽ حربو انهن کي آزادي کان نه ٿو روڪي سگهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري عوام راءِ شماري جي ??ريعي پنهنجو آزادي جو حق حاصل ڪري رهندي، اهي بندوق، دهشت ۽ طاقت جي ??ور تي نه پر جمهوري انداز ۾ پنهنجي راءِ شماري جو حق حاصل ڪندا. هن چيو ته نام نهاد جمهوري ملڪ ڀارت ڪشميرين کي راءِ شماري جو حق ڏيڻ کان ڊڄي ٿو. هن چيو ته انهن ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن گڏيل قومن جي ??سليم ٿيل قراردادن کي سامهون رکندي اصولي موقف اختيار ڪري سرينگر جي ??ڪراري علائقي ۾ جي – 20 س??اح?? ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪئي، چين، ترڪيه ۽ سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون جو انهن مودي جي ??عوت رد ڪري ڇڏي، ان ڪانفرنس ۾ جيڪي ملڪ شرڪت ڪري رهيا آهن انهن گهٽ سطح جا نمائندا موڪليا آهن ۽ اهي احتجاج طور ان ۾ شريڪ ٿيا آهن. هن چيو ته ان ڪانفرنس جي ??نعقاد جي ??ريعي ڀارت جو مقصد پورو نه ٿيو، هو دنيا کي اهو ڏيکارڻ چاهيندو هو ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي آهن جڏهن ته ناڪام ڪانفرنس سان ان جو اصل چهرو بي نقاب ٿيو ??هي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو ته ڀارت گذريل 70 سالن دوران ڪشميرين جي ??لاف ڏاڍ جو هر حربو استعمال ڪيو آهي، ڀارت جو ڪو به حربو ڪشميرين جي ??زادي جي ??ذبي کي دٻائي نه سگهيو، ظلم ۽ ڏاڍ سان انهن جا حوصلا ڪمزور نه ٿيا، ڀارت هاڻي جي – 20 ڪانفرنس جو سهارو ورتو آهي پر ان کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پاڪستان جو هر ٻار ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي جي ٽئين ??سل ڪشميرين جو ڪيس وڙهي رهي آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ان ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪيو. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ??اغ پهچڻ تي عوام جي ??منڊ ان جي ڀرپور آجيان ڪئي.