مظفرآباد- 25 مئي (اي پي پي) آزاد ڄمون ڪشمير جي وزيراعظم چ??ڌري انوار الحق چيو آهي ته پاڪ فوج جي شهيدن جون قربانيون اسان جو سرمايو آهن، شهيد?? جي عظيم قرباني?? جي ڪر?? اڄ اسان آزاد فضائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيد?? جي يادگارن تي حمل?? جي ڀرپور مذمت ڪر??ان ٿو. يوم تڪريم شهدا جي موقعي تي خاص بيان ۾ هن چيو ته 9 مئي تي پاڪستان ۾ فوجي ملڪيتن ۽ شهيد?? جي يادگارن تي ڪيل حملن تي ڪشميري قوم کي ڳڻتي آهي، هٿياربند فوج پاڪستان جا جانباز ايل او سي تي جانين جو نذرانو پيش ڪن ٿا ته اسان سڪون سان سمه??ن ٿا، هن چيو ته حديث مبارڪ آهي ته اسلامي سرحد جي هڪ ڏينه?? جي نگهباني دنيا فاني ۽ ا?? جي سمورين شين کان مٿانهين آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چ??و ته آزاد ڪشمير جو ڪو به ??برستان اهڙو ناهي جتي ڪنهن شهيد جي قبر تي پاڪستاني جهنڊو نه ڦڙڪندو هجي. مضبوط فوج ملڪ جي سلامتي ۽ ڪشمير جي آزادي جي ضامن آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين کي اپيل آهي ته هو پاڪ فوج سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪن.