اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ش??گردن تي زور ڏنو آهي ته اهي معاشري جي بهتري لاءِ پن??نجو ڪردار ادا ڪن. فضائيه ميڊيڪل ڪاليج جي ٻئي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻيون ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته پاڪستان سميت دنيا کي هن وقت موسمياتي تبديليون درپيش آهن، پاڪستان موزي ڪورونا وائرس جي وبا جو مقابلو بهتر طريقي سان ڪيو. سدائين ڪوشش رهي ته ميڊيڪل جي ش??بي ۾ بهتري آندي وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا هن وقت ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي ??هي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي بهتري طرف گامزن ??هي. موسمياتي تبديلين سان ٿيندڙ نقصانن تي پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل ??هي. دنيا جو مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيهڻ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ??هي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ??ندڙ ملڪ ترقي ڪندا. اسان جي سدائين کان ڪوشش رهي آهي ته ملڪ ۾ طب جي ش??بي کي بهتر بڻايو وڃي. هن فضائيه ميڊيڪل ڪاليج ۾ پاس ٿيندڙ سمورن گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شاگرد پن??نجي روايتن ۽ قدرن کي ڪڏهن به نه وسارين. پرڏيهي وزير چيو ته پاس ٿيندڙ نوجوان ملڪي ترقي ۾ پن??نجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته هر مشڪل توهان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندي. هن ان موقعي تي ميڊيڪل جي ش??گردن کي سنڌ جي اسپتالن جي دوري جي پڻ دعوت ڏني.