اسلام آباد – 01 – جون (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اردن جي شاهي خاندان جي دعوت تي ولي عهد حسين جي شادي ۾ شرڪت جي لاءِ اردن ۾ آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره ??لو?? پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته اردن جي دوري کانپوءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊا??ٽر فواد حسين جي دعوت تي 5 کان 7 جون تائين عراق جو دورو ڪندو. اهو پرڏيهي وزير جو عراق جو پهريون دورو هوندو، دوري دوران پرڏيهي وزير عراقي قيادت سان ملاقات ڪندو. عراقي هم منصب سان ملاقات ۾ ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ??ي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون ۽ ٻطرفي تعاون جون راهون ڳوليندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني زائرين جي سهولت جي لاءِ ڪربلا ۾ زائرين جي سينٽر جي قيام جو باضابط?? اعلان ڪندو ۽ سفارتخاني جي ڪمپليڪس ج?? پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ??ي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.