اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀ??و جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀ??و جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ کي ويهي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ??هي?? ڀٽو جي حوالي سان پوري دنيا کي خبر آهي ته اهو هڪ عدالتي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀ??و آئين جي بانين مان هو ۽ اها ملڪ جي تاريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ ??هي?? ڀٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي تاريخ تي ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڄ ئي اليڪشن جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.