اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ملڪ ۾ جاري آدمشماري تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام وارو وفاقي وزير امين الحق ۽ قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر فاروق ستار موجود هئا. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ شامل هو.