لاهور – 02 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئ??مي?? بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز لائرز فورم ۽ پر??گريسو لائرز الائنس جي نمائندن بلاول هائوس لاهور ۾ ملاقات ڪئي. چيئ??مي?? بلاول ڀٽو زرداري ک?? پيپلز لائرز فورم ۽ پر??گريسو لائرز الائنس جي نمائندن لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. هن خصوصي طور تي صباحت رضوي ک?? لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبر عابد ساقي ۽ پنجاب بار ڪائونسل جي ميمبر راحيل ڪامران چيما پڻ ملاقات ڪئي، پيپلز لائرز فورم جي نمائندن انساني حقن ۽ آئين جي بالادستي جي جدوجهد ۾ چيئ??مي?? بلاول ڀٽو زرداري جو ساٿ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چيئ??مي?? بلاول ڀٽو زرداري وڪيل برادري ک?? خاطري ڪرائي ته هو انهن سان گڏجي پاڪستان جي آئين جي تحفظ ۽ بقاءَ جي جدوجهد جاري رکندو. ملاقات ڪندڙن ۾ گلفام سرويا، شاهد عمران اولک، عظيم حفيظ، آصف خان بلوچ، سلمان نذير چيما، حمزه رياض چيما، ذيشان علي ساهي، قمر خان، فهيم خان ۽ حماد صوفي شامل هئا.