اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپار ۽ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي جي لاءِ نوجوانن کي تربيت ي??فت?? بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي ??روغ ڏيڻ جا وڏا امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، چيمبرز جي عهديدارن سميت واپارين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جا ڪاروبار ملڪ جي ترقي جي لاءِ ضروري آهن، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي ترقي ڏئي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ايس ايم ايز کي ترقي ڏئي ان سان روزگار پيدا ڪرڻ ۽ انساني وسيلن کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. صدر چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي ترقي سان ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو ۽ ان سان ملڪي معيشت بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي اعزاز جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اسان وٽ باصلاحيت افرادي قوت موجود آهي، ??اڪستان کي ??نهنجي نوجوانآبادي مان فائدو کڻندي مختلف مهارتن سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تربيت ڏئي انهن کي ??نرمند بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته 2 ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد گهرجن موجب آءِ ٽي جي تعليم سان نوجوانن کي ??نرمند بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن جن کي تعليم ي??فت?? ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي، ??اڪستان ماضي ۾ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ ڪافي پٺتي رهيو پر هاڻي ان کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي ??نرمند بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي معيشت جي بهتري جي لاءِ عورتن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، ??ني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي لاءِ انتهائي لازمي آهي، ??اڪستان جي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن کي ??عاشي طور تي مضبوط بڻائڻ سان پاڪستان اقتصادي ترقي جون منزلون طئي ڪندو. هن چيو ته فيس بڪ ۽ ٻيا ادارا عورتن کي ڊيجيٽل ٽولز جي ذريعي تربيت ي??فت?? بڻائي رهيا آهن جنهن جو مق??د انهن کي ??عاشي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. صدر چيو ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلند مقام حاصل ڪرڻ جي لاءِ ليڊرشپ جو تمام اهم ڪردار آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي، اسان کي ??ائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب کي راولپنڊي چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صدر طارق محمود جدون ۽ ٻين عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، ??اپارين دهشتگردي، ڪورونا وبا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بحرانن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي هنرمند افرادي قوت کي عالمي معيار سان هم آهنگ بڻائينداسين. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مهانگائي جي تدارڪ جي لاءِ حڪومتي سطح تي قدمن جي ضرورت آهي. ان کان اڳ صدر واپار جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.