اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگردي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي ۽ ڪنهن ب?? صورت ۾ دهشتگردي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويندو، ملڪي مفادن ۾ اسان سڀني کي گڏجڻو پوندو، 7 فيبروري تي ??ل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ عمران خان کي به دعوت ڏني آهي. وزيراعظم پنهنجي مختلف ٽوئيٽس ۾ چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سول ۽ ملٽري قيادت پاڪستان جي عوام جي جان ۽ مال جي هر قيمت تي ??حفظ جو وچن ورجايو آهي. هن چيو ته جيڪي به معصوم ماڻهن تي ??ملا ڪن ٿا انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ ڪنهن ب?? صورت ۾ دهشتگردي کي ٻيهر ڪَر کڻڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته گڏجاڻي ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي تي ??ور ويچار ڪيو ويو ۽ ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ويو ته وفاق ۽ صوبا هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندا. جڏهن ته نيسنل ايڪشن پلان تي ??ه غور ويچار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته ج??چ فرانزڪ ۽ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ کي سگهارو بڻائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ميڊيا مذهبي عالم ۽ سياسي اڳواڻ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ماڻهن ۾ عوامي راءِ جوڙين. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف رياست ذرو برابر به برداشت جو مظاهرو نه ڪندي. جڏهن ته گڏجاڻي ۾ ان ڳالهه تي ??تفاق ڪيو ويو ته فيصلن تي ??ملدرآمد جي لاءِ اداراتي مڪينزم ٺاهيو ويندو. جڏهن ته وزيراعظم ان کانسواءِ چيو ته مون ملڪي مفادن جي لاءِ سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو سوچيو آهي ان جي لاءِ 7 فيبروري تي ??سلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي جنهن ۾ مون عمران خان کي پڻ دعوت ڏني آهي ڇو ته ملڪي مفادن جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ پنهنجا ذاتي ??ختلاف وسارڻا پوندا.