اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائي??دا??ين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏي??دا??ين. وزيراع??م چيو ته شهرين جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائي??دا??ين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قو?? ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قو?? پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪر?? ٿي. وزيراع??م چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪ??دا??ين. وفاق صوبن جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ ??بر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.