اسلام باد – 26 جنوري(اي پي پي) ڀارت جي نا?? نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ اوورسيز ڪشميرين جي هٿن ۾ جهنڊا کنيل هئا جيڪي ڀارتي سرڪار خلاف آزادي جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي حريت اڳواڻن چيو ته ڀارت نا?? نهاد جمهوريت جي نالي تي والاريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني ق??ضي ۽ ڏاڍ سان شهرين جو قتل ڪري رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڀارت جو دهشتگرداڻو چهرو بي نقاب ڪري رهيا آهن. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجي غير قانوني ق??ضي ۽ ڏاڍ وسيل?? ڪشميرين جا حق غضب ڪري رهيو آهي. ڀارت دنيا ۾ ڪهڙو جمهوري ملڪ آهي جنهن ۾ ڪشميرين کان سندن بنيادي حق به کسيا ويا آهن.