اسلام آباد– 19 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خنجراب بارڊر کي ٻن مرحلن ۾ عار??ي طور کولڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ خنجراب بارڊر ٻن ڏينهن جي لاءِ 19 ۽ 20 جنوري تي ۽ ٻئي مرحلي ۾ هن سال جنوري جي آخر کان فيبروري جي شروع تائين چين جي بهار جي تهوار کانپوءِ کلندو. پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ خنجراب بارڊر هر سال سردين جي مهينن ۾ بند رهي ٿو. چين مقامي واپارين ??ي سهولت لاءِ سرحد کي عار??ي طور ??يه?? کولڻ جي پاڪستاني درخواست تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان خراب موسمي حالتن جي باوجود بارڊر آپريشنز کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ط??فن ??ي سرحدي عملدارن جي خصوصي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.