اسلام آباد- 10 نومبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شاز??ه مري چيو آهي ته پاڪستان ۾ عورتن کي بااختيار بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. آئيس لينڊ ۾ گلوبل فورم ويمن ليڊرشپ کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي برساتن سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ جي ڪري نقصان ٿيو جيڪو پاڪستان ۾ ان کان پهرين ڪڏهن ناهي ٿيو، ٻوڏ س??ب 3 ڪروڙ 30 لک (33 ملين) ماڻهو بي گهر ٿيا، جيڪو ڪيترن ئي ملڪن جي ڪل آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته متاثر ماڻهن ۾ تقريبن 6 لک 50 هزار ڳور??ار??ن عورتن کي ويم بابت سهولتن جي ضرورت آهي. شاز??ه مري چيو ته کيس پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ڪامياب سماجي تحفظ واري پروگرام بينظير ??نڪ?? سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جو سربراهه هجڻ تي فخر آهي، پاڪستان جا تقريبن 80 لک خاندان بي آءِ ايس پي سان جڙيل آهن. اسان انهن خاندانن کي ڪيش رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، بينظير ??نڪ?? سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) ذريعي عوام کي غذائيت ۽ تعليم جي ترغيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.