اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، اهم مقرري ت?? م??او??ت جي ??اءِ ڏئي ڪو غلط ناهي ڪيو، وفاقي وزيرن به م??او??ت جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان مثال به موجود آهن، ملڪ کي درپيش مسئلن جي ??ل ۽ معاشي ۽ سياسي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ت?? سموريون ڌريون گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن، اميد آهي ڳالهين سان معاملن ۾ بهتري ايندي. نجي ٽي وي چينل آج نيوز جي پروگرام ”روبرو“ ۾ خصوصي انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته ايندڙ سال 11 آگسٽ تي موجوده اسيمبلي مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ ئي تحليل ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ ٻن مهينن جي ??ندر چونڊون ٿينديون ۽ جيڪڏهن اڄ به اعلان ٿئي ت?? نيون چونڊون ڪرائڻ ۾ 3 مهينا لڳي وين??ا. ??ڪ سوال جي ??واب ۾ هن چيو ته اهم مقرري ت?? م??او??ت جي ??اءِ ڏيڻ ڪو غيرآئيني قدم نه هو، وفاقي وزيرن به ان معاملي ت?? م??او??ت جي ڳالهه ڪئي آهي جڏهن ته م??او??ت جي ??والي سان اڳ ۾ به مثال موجود آهي. پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ بابت عارف علوي چيو ته احتجاج جو حق آئين ڏي ٿو، هاڻي اتحادي حڪومت تي آهي ت?? عدم استحڪام کي وڌيڪ وڌائڻو آهي يا ن??، آئون چاهيان ٿو ته ان معاملي کي گڏجي ويهي حل ڪيو وڃي. صدر چيو ته اسان کي دنيا کي معيشت جي ??والي سان استحڪام ڏيکارڻو آهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڪيل واعدا به ملڪ ۾ استحڪام جي ??ورت ۾ ئي پورا ٿيندا، انهي لاءِ ملڪ جي لاءِ ضروري آهي ت?? سڀئي گڏجي ويهي ڳالهه ڪن. هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان حڪومت سان نه ٿو ويهڻ چاهي ت?? ان جا ساٿي ت?? ويهي سگهن ٿا، مون کي تعجب آهي ان ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي، سياست جي ڪري معيشت ۽ ماڻهن کي نقصان ٿي سگهي ٿو. صدر وڌيڪ چيو ته ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿين ۽ مون کي اميد آهي ان سان حالتن ۾ بهتري ايندي. پاڪستان جي ??ئٽمي اثاثن بابت آمريڪي صدر جي ??يان بابت هڪ سوال جي ??واب ۾ صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري ملڪ آهي، پاڪستان جي ??ئٽمي اثاثن جو ڪنٽرول ۽ مئنيجمينٽ سسٽم بهترين آهي ۽ ائٽمي ت??انائي جو عالمي ادارو به ان جي ت??ثيق ڪري چڪو آهي.