اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين?? پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ??ني آهي، هلندڙ ??ال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي مل??ائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي، اڄ اسان نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چ??و ته هي ڏينهن اسان کي ملڪ پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان جي بانين جي لاتعداد قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڄ اسان نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. هن چ??و ته هلندڙ ??ال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي پڻ مل??ائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. انهن تقريبن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. صدر چ??و ته هن تاريخي موقعي کي مل??ائڻ جي حوالي سان سمورن ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڊائمنڊ جوبلي جي هن موقعي تي اسان کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين جو پڻ احاطو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چ??و ته پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ??ني. تازي ماضي ۾ اسان ڪورونا وبا تي پڻ ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر چ??و ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ??دارن جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن وڌيڪ چ??و ته آئون پاڪستان جي پورهيتن، مزدورن، عورتن، ڪاروباري برادري، اقليتن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اڄ جي پاڪستان کي معاشي ۽ سياسي سطح تي مشڪلاتون درپيش آهن پر منهنجو پڪو يقين آهي ته هي قوم پنهنجي پڪي ارادي، حب الوطني، ڏينهن رات محنت، اتحاد، تنظيم، گڏيل هم آهنگي ۽ يڪجهتي سان انهن مشڪلاتن مان به سرخرو ٿي نڪرندي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته اسان کي اڄ آزادي جو ڏهاڙو مل??ائيندي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ۽ ڀارتي ڏاڍ جي شڪار ڀينرن ڀائرن کي پڻ نه وسارڻ گهرجي.