اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پاڪستان پاران امدادي شين جي پهرين کيپ پاڪستان ايئر فورس جي خصوصي جهاز ذريع?? ڇنڇر ڏينهن افغانستان پهچائي وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب امدادي شين ۾ 100 تنبو، 2 ٽن اٽو، 1 ٽن چانو??، 450 ڪلو کنڊ شامل آ??ي، امدادي شين جي ٻي کيپ 9 مئي تي رواني ٿيندي. وزيراعظم چيو آهي ته افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ پاڪستان هر ممڪن ڪوشش ڪندو.