اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگردن جي حملي ۾ جاني نقصان تي چيني عملدارن سان تعزيت جي اظهار ??اءِ هتي چين جي سفارتخاني ويو. پرڏيهي آفيس جي بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر به ساڻس گڏ هئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين جو رشتو نسل در نسل وفائن جو ه?? سلسلو آهي، دهشتگردن پاڪ چين دوستي جي اساس تي ضرب لڳائڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ناپ??ڪ ارادا، پاڪ چين دوستي کي سبوتاز نٿا ڪري سگهن، پرڏيهي وزير چيني سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.