اسلام آباد – 08 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود سان صوماليه ??ي عهدو ڇڏيندڙ س??ير خديجه المخزومي پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري ملاقات دوران کيس پاڪستان ۾ سونپيل ذميدارين جي ادائيگي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي ??روغ ۾ ??رد??ر ادا ڪرڻ تي م??ار??باد ڏني. سهيل محمود اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ??رڏيهي وزيرن جي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ تازي اجلاس ۾ صوماليه جي ??رڏيهي وزير جي شرڪت تي ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي سيڪريٽري ان موقعي تي پاڪستان جي ”انگيج آفريقه“ پاليسي لاءِ صوماليه جي اهميت کي به اجاگر ڪيو.