اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته اسپيڪر جي رولنگ عدال?? ۾ ??ئلينج نٿي ٿي سگهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سپ??يم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، شفقت محمود چيو ته عدم اعتماد تي ووٽنگ نه ٿيڻ ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جي معاملي تي ڪيس عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيڪا رولنگ اسپيڪر ڏني اها عدال?? ۾ ??ئلينج نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته پاڪستا?? جي خلاف تمام وڏي سازش ٿي آهي، شفقت محمود چيو ته تعليم واري وزارت مون کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هڪجهڙي تعليمي ن??اب جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، ڪورونا وائرس جي وبا دوران ٿوري پريشاني هئي پر ان کي به ختم ڪيو ويو، مدرسن ۽ اسڪولن جا ٻار هڪ ئي فيلڊ ۾ اچي رهيا آهن، تعليمي ادار?? جي ٻارن کي چوندس ته هو پڙهائي تي ڌيان ڏين.