اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل ??ومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وز??ر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي منعقد ٿي??دڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پرڏيهي وز??ر جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي منعقد ٿي??دڙ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وز??ر چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وز??راعظم عمران خان ميلسي جي عوامي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل ??ارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وز??راعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وز??رت جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وز??راعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي عوام سان ڪيل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.