اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عوام امانت جي طور تي ووٽ سياسي پارٽين جي نمائندن کي ڏيندي آهي، ان ۾ خيانت نٿي ٿي سگه??، پاڪستان جي قانون جي اندر ضمير فروش، ڀڳوڙن جو سدائين لاءِ رستو بند ٿيڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته صدارتي ريفرنس اعليٰ عدليه جي سامهون آهي، عوام ان سوال جو جواب چاهي ٿي، جنهن ملڪ لُٽيو هجي، ڪيسز ثابت ٿين، معاشرو ان جي خلاف وڙهندو آهي، هتي پاپڙ وارن، فالودي وارن ۽ مقصود پٽيوالي جهڙن ڪردارن جي ذريعي اربين روپين جي منتقلي ٿيندي آهي. مملڪتي وزير چيو ته عجيب تماشو آهي جنهن وزيراعظم جي خلاف بي اعتمادي رٿ جمع آهي ان جي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس نه آهي، جيڪي بي اعتمادي رٿ آڻي رهيا آهن اهي سڀ ڪرپٽ آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڪو غير آئيني ڪم ناهي ڪيو، مخالف ڌر جو روئڻ پٽڻ با??ي رهجي ويو آهي، جيڪڏهن مخالف ڌر وٽ نمبر پورا هجن ته ڇو ٽانگين ڪانپ رهيون آهن، پهرين جل??ن تي پابندي لاءِ عدليا وٽ ويا، ان تي ڪجهه نه ٺهيو ته پنهنجو مارچ 24 کان 28 تي کڻي هليا ويا آهن، مخالف ڌر جي جل??ي ۾ڪو به اچڻ وارو نه آهي، 27 مارچ تي پي ٽي آءِ جي جل??ي ۾ عوامي سمنڊ هوندو، ساڍا ٽن سالن کان اتحاد قائم، اڄ به اتحادي ڪابينا جو حصو آهن، رابطا آهن، پهرين وانگر هاڻي به اتحادي گڏ آهن، مخالف ڌر صرف بوکلاٽ جو شڪار آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسان بي اعتمادي خلاف نه آهيون، ڇا پاڪستان جي جمهوريت اربن جي مار آهي، نوٽن جون ٻوريون آڻيو ۽ ووٽ خريد ڪري وٺو، ضمير جاڳڻ جو سبب نوٽن جي چمڪ آهي، هارس ٽ??يڊنگ جي بنياد تي عدم اعتماد ناهي هوندي، عمران خان کان وڌيڪ مقابلو ڪير به نٿو ڄاڻي، آخري با?? تائين کيڏندو، استعيفا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي، اين آر او ٽولي کي ڪجهه ناهي ملڻ وارو، فتح، حق ۽ سچ جي ٿيند??، پي ٽي آءِ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جل??ا ڪري رهي آهي، هڪ ڏينهن جي نوٽيس ۾ جل??ا ڪرڻا وڏي ڳالهه هوندي آهي، عوامي راءِ سامهون اچڻ ضروري آهي، هر سياسي پارٽي جمهوري حق استعمال ڪري سگهي ٿي.