??سل??م آباد – 18 – مارچ (??ي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آر??يڪ?? A-63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آر??يڪ?? 186 تحت ريفرنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي هارس ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن جي بدلي وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفاداريون معاشي مفادن جي ڪري تبديل ڪن انهن جي نااهلي تاحيات هوندي يا کين ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجازت هوندي؟ سپريم ڪورٽ کي ??رخواست ڪئي ويندي ته ان ريفرنس کي ??وزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.