اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻا، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. وزيرا??ظم عمران خان سان بحرين جي نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ الخليفه ملاقات ڪئي. نيشنل گارڊ ڪمانڊر وزيرا??ظم کي بادشاهه، ولي عهد ۽ بحرين جي وزيرا??ظم پاران مبارڪباد وارو پيغام پهچايو. پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران بحرين جي قيادت لاءِ وزيرا??ظم عمران خان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته بحرين سان پاڪستان جا پراڻا لاڳاپا آهن جنهن جون پاڙون ايمان، قدرن ۽ هم آهنگ?? سان جڙيل آهن. وزيرا??ظم بهتر حصيداري قائم ڪرڻ لاءِ ٻنهي طرفن جي ڪوششن ک?? ساراهيندي گهري ۽ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، ڪووڊ -19 جي خلا?? بحرين جي ڪامياب قدمن ک?? ساراهيندي وزيرا??ظم عمران خان ان وبا جي دوران پرڏيهي پاڪستانين ج?? سارسنڀال تي بحريني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي ان رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بحرين جي نيشنل گارڊ ڪمانڊر پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪندي پاڪستان پاران مسلسل حمايت تي ٿورو ادا ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪٻئ?? سان گڏ بيٺل رهيا، هن اسلامي تعاون تنظيم جي راءِ تي پاڪستان پاران گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي طور تي ملهائڻ جي پيش ڪيل تاريخي قرارداد جي منظوري تي وزيرا??ظم کي مبارڪباد ڏني. وزيرا??ظم کيس ٻڌايو ته هو جلد کان جلد بحرين جي بادشاهه، ولي عهد ۽ پنهنجي هم منصب جي پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ روايتي، ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ڊسمبر 2019ع ۾ وزيرا??ظم عمران خان جي بحرين جي دوري کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا بلندي طرف گامزن آهن.