اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپار ۽ علائقائي ??اب??ن جي فروغ ۽ سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي، اف??ان??تان ۾ انساني بحران ۽ معاشي مسئلن کان بچڻ جي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايران جي گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۾ مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وسيع امڪانن کي اجاگر ڪ??و. ??زيراعظم خاص طور تي واپار ۽ علائقائي ??اب??ن جي لاءِ ويجهي ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي معاشي ترقي جي لاءِ سر??دي منڊين جي جلد پڄاڻي ۽ انهن کي فعال بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي سرحد امن ۽ دوستي جي سرحد آهي ۽ هن سيڪيورٽي معاملن جي حل لاءِ گڏيل تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ ڀرپور حمايت تي ايراني حڪومت ۽ سپريم ليڊر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم اف??ان??تان جي حوالي سان ٻنهي ملڪن جي هڪ جهڙي موقف تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ??اب??ي جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم اف??ان??تان ۾ انساني بحران ۽ معاشي بدحالي کي روڪڻ ۽ عملي قدمن ۾ اضافي، استحڪام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عالمي برادري پاران فوري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم ايران جي صدر رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجا??و. ??لاقات ۾ ايراني گهرو وزير ڊاڪٽر احمد وحيدي وزيراعظم کي ايراني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ايران جي خواهش کي ورجايو.