اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مقبول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر ڪشور زهره سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ڪر??چي ۾ پرامن مظاهرين تي پوليس جي ناروا تشدد جي مذمت ڪئي، پرڏيهي چيو ته پُرامن احتجاج کي لٺين ۽ شيلنگ جي ذريعي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جمهوري حق جي خلاف آه??. پرڏيهي وزير ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسلم جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پوليس تشدد سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن جي اک ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ قابل مذمت آه??، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته متحده قومي موومينٽ جي عورتن تي پوليس تشدد جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آه??، جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي چونڊيل ايم پي اي کي ڪر??چي جي رستن تي گهليو ويو ۽ پوري قوم ڏٺو، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪالهوڪي افسوسناڪ واقعي سان جمهوريت جي ڪوڙي دعويدارن جي ساک پڌري ٿي وئي آه??، روزاني جمهوريت جو درس ڏيندڙن جو اصل چهرو سڀني ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو. شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جي بلدياتي قانون کي پيپلزپارٽي کانسواءِ، سموريون پارٽيون رد ڪري ??ڪيون آه??، ايستائين جو پي ڊي ايم ۾ شامل پاڪستان مسلم ليگ ن به رد ڪري ??ڪي آه??، ان قانون جي خلاف اسيمبلي جي اندر احتجاج ۽ اسيمبلي جي ٻ??هران جماعت اسلامي جو ڌرڻو مسلسل جاري آه??، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته سنڌ جو بلدياتي نظام، عوام جي وچ ۾ مذاق بڻجي ويو آه??، پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان، ان قانون جي فوري تبديلي تي زور ڏنو.