اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي آهي جنهن سان نوجوانن جو ٽئلينٽ اڀري سامهون ايندو اسپورٽس باڊيز ۾ مافياز جو خاتمو ڪري ڇڏيو، خيبرپختونخوا ۾ 300 ۽ پنجاب ۾ 200 گرائونڊ ٺهي چڪا آهن، هر يونين ڪائونسل ۾ راندين جا ميدان هجڻ گهرجن، شاگردن کي ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرشپ ڏنا، هن وقت تائين 63 لک مستحق نوجوانن کي 47 ارب روپين جا وظيفا ڏئي چڪا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح اسٽيڊيم اسلام آباد ۾ ملڪ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي راندي?? جي مقابلي ”ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود، وفاقي وزير حماد اظهر، وزيراعظم جو نوجوانن بابت خاص مددگار عثمان ڊار به موجود هئا. وزيراعظم ڪاميان جوان اسپورٽس ڊرائيو جي انعقاد تي عثمان ڊار کي خراج تحسين پيش ??يو?? هن چيو ته نوجوان?? جي لاءِ رانديون انتهائي ضروري آهن، مون 21 سال عالمي اسپورٽس گرائونڊ ۾ گذاريا، آئون نوجوانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته راندين مان هو مقابلو ڪرڻ سکندا آهن، راندي?? جي ذريعي کين کٽڻ به ايندو آهي ۽ هار کي سمجهڻ به ، رانديون اسان کي سيکارينديون آهن ته اسان هار کان دلبرداشته ناهي ٿيڻو ۽ ڪرڻ جو اٿي بيهي مقابلو ڪرڻو آهي، اسپورٽس مين مشڪل وقت ۾ گهٻرائيندو ناهي ۽ دلبرداشت ناهي ٿيندو ڇو ته انسان هارائيندو ان وقت آهي جڏهن هو هارائڻ کانپوءِ پنهنجي غلطين جو جائزو ناهي وٺندو ۽ پهرين کان وڌيڪ محنت نٿو ڪري، ا?? جي لاءِ آئون نوجوانن کي نصيحت ڪريان ٿو ته هو اسپورٽس جي ذريعي مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪن، رانديون اسا?? جي صحت لاءِ به ضروري آهن، جيڪي الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي، انسان کي ان نعمت جي قدر ڪرڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسا?? جي حڪومت ۾ نوجوانن کي راندين جا ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ گرائونڊ تيار ڪيا آهن، خيبرپختونخوا ۾ هن وقت تائين 300 ۽ پنجاب ۾ 260 گرائونڊ ڍاهي چڪا آهيون، هر يونين ڪائونسل ۾ راندين جا گرائونڊ هجڻ گهرجن، وزيراعظم چيو ته نيوزي لينڊ جنه?? جي آبادي صرف 50 لک آهي ۾ 22 ڪروڙ جي آبادي واري پاڪستان کان به وڌيڪ گرائونڊ آهن، اسا?? جي حڪومت سڄي ملڪ ۾ راندي?? جي ميدانن جو ڄار وڇائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چيو ته اسا?? جي حڪومت نوجوانن کي تعليم جي بهتر موقع?? جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پنجاب، خيبرپختونخوا جون صوبائي حڪومتون ۽ وفاقي حڪومت 63 لک نوجوانن کي 47 ارب روپين جا وظيفا ڏنا آهن، پاڪستا?? جي تاريخ ۾ ڪڏهن شاگردن کي ايتري وڏي تعداد ۾ اسڪالرشپ ناهن مليا، اسا?? جي ڪوشش آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي اسپورٽس ۾ شرڪت ڪري، ا?? جي لاءِ ٽيلينٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو آهي ۽ وڌ کان وڌ راندين جا ميدان ٺاهيا پيا وڃن، سينٽر آف ايڪسي لينس ٺاهي ٽيلنٽ کي پروموٽ ڪنداسين، هن چيو ته حڪومت اسپورٽس باڊيز جي اصلاح ڪري رهي آهي، نئين اسپورٽس پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ پراڻو سسٽم جنهن ۾ اسپورٽس باڊيز ۾ مافياز ويٺل هئي جو خاتمو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو سان پاڪستا?? جي لاءِ نوجوانن جو ٽئلينٽ اڀري سامهون ايندو. ان کان اڳ وزيراعظم مشعل ٻاري اسپورٽس ڊرائيو جو آغاز ??يو?? ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو تحت ٽيلنٽ هنٽ ۾ 6 هزار اٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن، پروگرام تحت 4 ارب روپي?? جي 4 نون منصوبن جو آغاز ڪيو ويو آهي، اسپورٽس ڊرائيو تحت 15 مان 25 سال?? جي نوجوانن جنهن ۾ 2700 ڇوڪريون به شامل آهن، مختلف راندين ۾ حصو وٺندا جنهن سان نوجوانن جو ٽئلنٽ اڀري سامهون ايندو.