ڪراچي – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دنيا جي سامهون ملڪ جو مثبت اميج پيش ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ اخلاقي قدرن سان گڏ بهترين معيار جي پيش??وا??اڻي مهارت تي زور ڏيندي ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته اي ايس ايف قومي جذبي ۽ لگاءُ سان ملڪ جي خدمت جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس اڪيڊمي ۾ BASC – 49 ايئرپورٽ سيڪيورٽي ڪورس جي پاسنگ آئوٽ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سول ايوي ايشن واري وفاقي وزير غلام سرور خان، اي ايس ايف جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عابد لطيف خان، ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل برگيڊيئر جنرل صلاح الدين ايوبي، ڪمانڊنٽ اي ايس ايف اڪيڊمي ليفٽيننٽ ڪرنل ياور عباس کانسواءِ واپاري اڳواڻن، سفارتڪارن ۽ ٻين معززين شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي اي ايس ايف اڪيڊمي ۾ 24 هفتن جو ايئرپورٽ سيڪيورٽي ٽريننگ ڪورس مڪمل ڪرڻ تي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته جڏهن توهان قومي س??امتي جي ذم??وا??ين کي پورو ڪرڻ جي لاءِ عوام سان شائستگي سان پيش اچو ٿا ته توهان جي پيش??وا??اڻي مهارت جو اندازو لڳايو وڃي ٿو ۽ عوام ۾ مثبت تاثر بڻجي ٿو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا دوران پنهنجي پيش??وا??اڻي ذم??وا??ين کي بهتر طريقي سان ادا ڪرڻ ۽ افغانستان جي تازي انخلا دوران خدمتون فراهم ڪرڻ تي اي ايس ايف کي ساراهيو ويو آهي جنهن سان دنيا م پڻ مثبت تاثر ويو. هن اي ايس ايف ۾ عورتن جي س??ي انگ ۾ شموليت تي اطمينان جو اظهار ڪندي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي ان قول جو حوالو ڏنو ته پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو ۽ خوشحال ٿيندو جڏهن عورتون هر ميدان ۾ حصو وٺنديون. ان کان اڳ هن تربيتي ڪورس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙن ۾ انعام ورهايا. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ ڪمانڊنٽ اي ايس ايف اڪيڊمي ليفٽيننٽ جنرل ياور عباس اڪيدمي جي تاريخ ۽ عالمي معيار جي س??ڪيورٽي ڪورسز/ ٽريننگ بابت شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته اي ايس ايف ملڪ جي 28 ايئرپورٽس تي س??ڪيورٽي سروس فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته هيستائين اي ايس ايف کي پيش??وا??اڻي خدمتن تي پاڪستان حڪومت پاران بهترين ڪارڪردگي تي ٻه ڀيرا ستاره شجاعت 7 23 تمغه شجاعت سان نوازيو ويو آهي.