اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته (ن) ليگ عدليه جي خلاف مهم شروع ڪري رکي آهي، نواز شريف يا مريم نواز جي پيشي ان اڳ اهڙيون سازشون سدائين ڪيون وينديون رهيون آهن، (ن) ليگ ڪالهه به عدليه تي حملو ڪيو، هڪ اهڙي شخص پاران جعلي بيان سامهون آندو ويو جيڪو (ن) ليگ جي ليڊرن جو ساٿاري آهي، چونڊ سڌارا پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ذاتي نه قومي ايجنڊا آهي، هر اليڪشن ۾ اسان سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا، جڏ??ن سڌارن طرف وڃون ٿا ته مخالف ڌر گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، اسان اهو بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائي رهيا آهيون، مخالف ڌر چونڊ سڌارن تي کليل دل سان غور ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ موجود هو. چوڌري فواد حسين چي?? ته ماضي ۾ نواز شريف کي جڏ??ن سپريم ڪورٽ طلب ڪيو ويو ته (ن) ليگ س??ريم ڪورٽ تي حملو ڪري ڇڏيو هو، (ن) ليگ ڪالهه به عدليه تي حملو ڪيو، هڪ اهڙي شخص پاران جعلي بيان سامهون آندو جيڪو (ن) ليگ جي ليڊرن جو ساٿاري آهي. هن چي?? ته ڪو شڪ نه آهي ته اهو شخص لنڊن ۾ نواز شريف جي خرچ تي رهي رهيو آهي، ان جي حلفيه بيان جي فيس به نواز شريف فيملي ادا ڪئي، حسين نواز ان معاملي کي ڊيل ڪري رهيو آهي. هن چي?? ته جڏهن ماڻهن کي ادارن جي خلاف استعمال ڪري ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته بحران پيدا ٿيندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته چي?? جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان معاملي جو نوٽيس ورتو آهي جيڪو مناسب قدم آهي، توهين عدالت تي ميوارن کي اڄ طلب ڪيو ويو آهي، ان معاملي تي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، اي وي ايم ۽ چونڊ سڌارا پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي ذاتي نه قومي ايجنڊا آهي، هر اليڪشن ۾ اسان سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا، جڏ??ن سڌارن طرف وڃون ٿا ته مخالف ڌر گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇي ٿي. هن چي?? ته مخالف ڌر سڀاڻي جي اجلاس ۾ اسان سان گڏ ويهه، ان??ن سڌارن تي کليل دل سان غور ڪري، مخالف ڌر کي جيڪي ترميمون گهرجن اهي کڻي اچي، ان تي بحث ڪري وٺون ٿا. هن چي?? ته سڌارا لازمي آهن، سڀاڻي اسان اهي بل پاس ڪرائي رهيا آهيون، سمورن اتحادين وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان کليل دل سان اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته چونڊن، جوڊيشري، ميڊيا ۽ سياسي نظام ۾ سڌارا لازمي ٿيڻ گهرجن، اسان انهن تي گڏجي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون. چوڌري فواد حسين چي?? ته اطلاعات واري وزير جي حيثيت سان جيڪا به ڳالهه ڪئي، حڪومت ۽ ڪابينا جي پاليسي تحت ڪئي، انفرادي حيثي سان اليڪشن ڪميشن ۽ ادارن جو احترام ڪريان ٿو، مون کي اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن ان موقف کي مثبت انداز ۾ وٺندي.