اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه ??حم??د قريشي سان ايران جي سندس هم ??نص?? حسين امير عبداللهيان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي خاص طور تي اف??ان??تان جي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايراني پرڏيهي وزير پنهنجي پاڪستاني هم ??نص?? مخدوم شاهه ??حم??د قريشي کي ايندڙ هفتي تهران ۾ متوقع اف??ان??تان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جي وزارتي سطح جي ٻئي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير علائقائي سطح تي گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جي قدم جي مڪمل تائيد ۽ حمايت تي ايراني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي ان اهم اجلاس جي وقت سر منعقد ڪرڻ تي ايراني پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي اميد ظاهر ڪئي ته اف??ان??تان جي ويجهي پاڙيسري ملڪن جو اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ گڏيل ڳالهه ٻولهه سان علائقائي سطح تي تعاون کي مستحڪم بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اف??ان??تان جي حوالي سان اسان جي موقف ۾ هڪ جهڙائي ۽ هم آهنگي خوش آئنده آهي. شاهه ??حم??د قري??ي چيو ته اف??ان??تان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ علائقائي سطح تي تعاون لازمي آهي. اف??ان??تان ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.