اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سنڌ جي گورنر کي هدايت ڪئي آهي ته ربيع الاول جي پهرين عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ ??ي لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن. وزيراعظم سان سنڌ جي گورنر عم??ان اسماعيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ 12 ربيع الاول شايان شان طريقي سان ملهائڻ جي حوالي سان مختلف قدمن تي تفصيلي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته 12 ربيع الاول جي مناسبت سان هڪ عظيم الشان ڪانفرنس منعقد ڪئي پئي وڃي ج??هن ۾ ناليوارن اسڪالرز، مذهبي عالم سڳورن کي گهرايو ويندو. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي شرڪت ۽ خطاب جي درخواست ڪئي ج??هن کي وزيراعظم منظور ڪيو. وزيراعظم وڊيو لنڪ ذريعي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس جي تاريخ جو اعلان جلد ڪيو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عشره کي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي سيرت طيبه ۽ تعليم کي سڄي صوبي ۾ اجاگر ڪرڻ ??ي لاءِ تقريبون منعقد ڪيون وڃن.