اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان اهم وفاقي وز??رن، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏن وز??رن سان گڏ آءِ ايس آءِ سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي ۽ چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر به ان موقعي تي موجود هئا. آءِ ايس آءِ جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد س??ڪريٽريٽ اچڻ تي سندن استقبال ڪيو. بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ قومي ۽ عسڪري قيادت کي ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ خطي ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين تي بريفنگ ڏني ??ئي، وز??راعظم قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ آءِ ايس آءِ جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.