پنڊ دادن خان – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ افغانستان، ڪشمير، فلسطين سميت عالمي ايشوز تي اسان جي ڳالهه پوري دنيا ۾ ٻڌي پئي وڃي، وزيراعظم عمران خان رڳو ??اڪ??تان جو نه، هو هن خطي ۽ پوري مسلمان امت جو ليڊر آهي، اسان جي خوشقسمتي آهي جو ??اڪ??تان کي مشڪل وقت ۾ هڪ اهڙو ليڊر مليو جيڪو قومي ۽ عالمي س??است ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو، افغانستان ۾ ??اڪ??تان جو مثبت ڪردار پوري دنيا جي سامهون آهي، ملڪ کي س??اسي ۽ معاشي پاليسين جي تسلسل جي ضرورت آهي، امن هوندو ته معيشت ترقي ڪندي، جمهوريت جي ويڙهه وڙهندڙ پارٽين آمراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، ??اڪ??تان جي اندر اسان جو سمورو ڌيان سيڪيورٽي ۽ معيشت تي هجڻ گهرجي، للا کان جهلم رستي جي تعمير سان علائقي ۾ ترقي جو نئون دور شروع ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي 10 بلين ٽري س??نامي پروگرام ??حت وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻوٽو لڳائي علائقي ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح پڻ ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهلم ضلعو پنجاب ۾ وزيراعظم جي بلين ٽري س??نامي جي هدفن ۾ پوري پنجاب ۾ سڀ کان اڳتي آهي جنهن تي ٻيلي کاتي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هيستائين 75 لک وڻ جهلم ضلعي ۾ لڳايا ويا آهن، 65 لک حڪومت ۽ 10 لک نجي شعبي پاران هنيا پيا وڃن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان رڳو ??اڪ??تان جو ليڊر نه، هو هن خطي ۽ پوري مسلمان امت جو ليڊر آهي. اسان جي خوشقسمتي آهي جو ??اڪ??تان کي مشڪل وقت ۾ هڪ اهڙو ليڊر مليو جيڪو قومي ۽ عالمي س??است ۾ نمايان مقام رکي ٿو. هن چيو ته اڄ افغانستان، ڪشمير، يا فلسطين جو مسئلو هجي اسان جي ڳالهه پوري مسلمان امت ۽ دنيا ۾ ٻڌي پئي وڃي، افغانستان جي صورتحال ۾ ??اڪ??تان جو ڪردار پوري دنيا جي سامهون آهي. هن چيو ته افغان جنگ جا ??اڪ??تان تي گهرا اثر پيا، ان جنگ ۾ اسان جي هزارين جوانن قربانيون ڏنيون. هن چيو ته افغانستان جي اندر ڀارت جي سازشن جو خاتمو ٿيو آهي، اڄ افغانستان امن طرف گامزن آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شروع کان ان ڳالهه تي زور ڏيندو آيو آهي ته افغانستان ۾ فوجي حل سان امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته 2007ع ۾ ??اڪ??تان دنيا کي چيو ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت ۽ القاعده جي خلاف ڪارروائي نه، ڳالهين جو وقت آهي. 2011ع ۾ ??اڪ??تان دنيا کي ٻيهر سمجهايو ته افغانستان ۾ ڳالهيون ئي بهترين حل آهي. هن چيو ته 2018ع ۾ جڏهن عمران خان اقتدار ۾ آيو ته هن افغانستان جي مسئلي جو حل ڳالهين سان ڪڍڻ تي زور ڏنو پر آمريڪا اسان جي ڳالهه سمجهڻ ۾ دير ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ جيڪڏهن افغانستان مان آمريڪي فوجن جي واپسي ٿي آهي ۽ اتي هڪ قطرو به رت جو ناهي وهيو ان جو سهرو ??اڪ??تان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته اسان کي ڊپ هو ته افغانستان مان هزارين افعان پناهگير ??اڪ??تان جو رخ ڪندا ڇو ته اسان جي معيشت ايتري مضبوط نه هئي. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري جي حڪومتن 10 سالن تائين ??اڪ??تان سان جيڪو حشر ڪيو ان جي نتيجي ۾ اسان جي معيشت ڪمزور ٿي، جيڪڏهن وڌيڪ پناهگير افغانستان مان اچن ها ته اسان جي معيشت انهن جو بار برداشت نه ڪري سگهي ها. هن چيو ته ??اڪ??تان جي ڪردار جي ڪري افغانستان ۾ پرامن تبديلي آئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جو سمورو ڌيان سيڪيورٽي ۽ معيشت تي هجڻ گهرجي. وزيراعظم جيڪا ايجنڊا ڏني آهي ان تي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته اهي ??اڪ??تاني گروپ جيڪي ڀٽڪي ويا هئا ۽ حالتن جي سازشن جي ور چڙهي ويا هئا، اسان کي انهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، جهڙي طريقي سان اتان ڀارت جو صفايو ٿيو آهي، ان کانپوءِ ضروري آهي ته انهن ماڻهن کي واپس آڻيون جيڪي امن طرف اچڻ چاهين ٿا ته جيئن ملڪ ۾ امن امان جون پاڙون مضبوط ٿي سگهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان جي جوانن پنهنجي س??نن تي گوليون کائي ??اڪ??تان ۾ امن قائم ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جيڪا ايجنڊا پيش ڪئي آهي ان تي عمل ڪندي اسان انهن گروپن کي قومي ڌارا ۾ واپس آڻڻ ۾ مدد ڪنداسين جيڪي ??اڪ??تان جي آئين ۽ قانون کي تسليم ڪندا ۽ ??اڪ??تان سان وفاداري جو عهد نڀائيندا. چوڌري فواد حسين چيو ته ??اڪ??تان باهه ۽ رت جو درياءَ عبور ڪيو آهي، اسان هزارين شهادتون ڏنيون آهن، اسان کي پنهنجي ويڙهه کي اڳئين نسل تائين ناهي وٺي وڃڻو، ان جو خاتمو ڪرڻو آهي ته جيئن اسان جو ڌيان معيشت جي استحڪام طرف رهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ??اڪ??تان جنم وٺي چڪو آهي. بلاول ۽ مريم کي خطي جي ڏکيائين جي ڪهڙي خبر. (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي هڪ طرف جمهرويت جو راڳ آلاپين ٿيون ۽ ٻئي طرف انهن جي پارٽين ۾ آمراڻو نظام آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي واحد پارٽي آهي جنهن جو ڪراچي کان وٺي گلگت بلتستان تائين ووٽ بئنڪ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ضرور ٿي آهي، شهرن ۾ پگهاردار طبقي جي مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته ??اڪ??تان جي س??است ۾ تسلسل جي ضرورت آهي، هن وقت پوري دنيا ??اڪ??تان جي قيادت طرف ڏسي رهي آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن فون ڪري افغانستان جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، پرڏيهي وزير سان آمريڪا ۾ ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ملاقات ڪئي ۽ افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پنڊ دادن خان جي ترقي لاءِ جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪري رهيا آهيون. علائقي ۾ واهن جو واعدو ڪيو هو، اسان پهرين سال ئي واهه جي منصوبي جي شروعات ڪئي. 46 ارب رپين جو پراجيڪٽ آهي، هڪ لک 78 هزار ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي. هن ٻڌايو ته مارچ 2022ع ۾ ان واهه جي پهرين ڊسٽري بيوٽري اوپن ٿي ويندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان 2019ع ۾ 46 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو، 2022ع ۾ پهرين ڊسٽري بيوٽري جو افتتاح ٿي ويندو، 126 ڪلوميٽر ڊگهي للا کان جهلم تائين ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير تي 16 ارب رپيا لاڳت ايندي، 2022ع ۾ گرمين جي موسم کان اڳ ان منصوبي ??حت للا کان پنڊ دادن خان ۽ سنگوئي کان مصري موڙ تائين رستو مڪمل ٿي ويندو. ان کانسواءِ سيالڪوٽ – لاهور موٽروي کي اسلام آباد سان ڳنڍڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي. 15 آڪٽوبر تي کاريان کان اسلام آباد موٽروي منصوبي جي منظوري ٿي ويندي. دينه کان اسلام آباد جو سفر 40 منٽن جو رهجي ويندو جڏهن ته للا کان جهلم تائين ٻن ڦاڪن واري رستي جي تعمير سان جهلم تائين جو سفر اڌ ڪلاڪ جو هوندو. هن چيو ته جهلم ۾ هائي رائز بلڊنگز جو پراجيڪٽ پڻ آڻي رهيا آهيون جڏهن ته کي??ڙه ۾ فائيو اسٽار هوٽل قائم ڪرڻ منصوبو پڻ ٺاهيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته واهه جي پراجيڪٽ ۾ اٽڪل 400 نوڪريون ميسر اينديون، آءِ سي آءِ کي به چونداسين ته اها مقامي طور تي ماڻهن جون خدمتون حاصل ڪري. هن چيو ته ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي حڪومت عوامي خدمتن تي يقين رکي ٿي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا پيا وڃن. انشاءَ الله ايندڙ 5 سال به عمران خان حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيو آهي.