لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرو??ت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ٿيليسيميا هڪ موورثي بيماري آهي، ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي کان ??ڳ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، سندس فائونڊيشن ٿيليسيميا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سندس فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٿيليسيميا جو شڪار ٻار سالن کان ??ندس فائونڊيسن کان ??لڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيليسيميا هڪ موروثي مرض آهي، اسان وٽ شادي کان پهرين ٽيسٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اهڙيون بيماريون پکڙجنديون آهن، ڪزن ميرج جو رواج به عام آهي، اهڙين شادين جي ڪري پيدا ٿي??دڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي ڪرڻ کان ??ڳ پنهنجو ٿيليسيميا جو ٽيسٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن انهن ۾ ٿيليسيميا جو ٽيسٽ پازيٽو ??هي ته کين ڪزن ميرج کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان ??ي نتيجي ۾ پيدا ٿي??دڙ ٻار ان مرض جو شڪار ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اسان وٽ ان ??اري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته سندس فائونڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.