اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻ??لن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ هوا جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ شهري علائقن ۾ وڻ پوکڻا پوندا، مياواڪي جهڙي وڻڪاري جي جديد ٽيڪنڪ شهرين کي صحت ??ند ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هو مياواڪ?? فارسٽ بابت بريفنگ اجلاس ??ي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سينئر نائب صدر سيد ظهير مهدي مياواڪ?? فارسٽ پوکڻ جي طريقيڪار ۽ ان ج?? فائدن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.