جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده ??يصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دور?? جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپ?? جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هن وقت سعودي ولي عهد شهزاده ??حمد بن ??لم??ن جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائ??و ورتو.