اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان احساس ل??گر??انن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سي??اني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيندي پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. هن اها خاطري سي??اني ٽرسٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪرائي جنهن اسلام آباد ۾ ساڻس مل??قات ڪئي، سي??اني ٽرسٽ جي وفد ۾ بشير فاروق، افضل چمڊيا، منظر عالم، فرخ امين، عرفان واحد، سلمان اقبال، امت??از حسين ۽ يوسف لاکاڻي شامل هئا، ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر فرخ حبيب پڻ موجود هو. سي??اني ٽرسٽ وزيراعظم جي احساس ڪير بکيو نه سمهي قدم جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ان پروگرام جي دائري کي سگهه ڏيڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم احساس ل??گر??انن ۽ ڪير بکيو نه سمهي پروگرام ۾ سي??اني ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ان پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهولت ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.