اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ 2021ع ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ سروسز (ترميمي) ايڪٽ 2021ع تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان سنگل ونڊو ايڪٽ تحت قومي ۽ عالمي واپار ۾ آساني لاءِ خودمختيار ادارو قائم ڪيو ويندو. روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ بابت سموريون سهولتون هڪ ئي نظام ۾ ميسر هونديون، ا??اري جي قيام سان ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي ??ين??ي. سرحد پار واپار آسان بڻائڻ ۽ سامان جي تيز ترين پهچ ۾ مدد ملندي. اداري جي قيام سان ڊيٽا جي وقت سر پراسيسنگ ۽ معياري خدمتن جي فراهمي ۾ بهتري ايندي، ا??اره گورننگ ڪائونسل ۽ سيڪريٽريٽ تي ٻڌل هوندو، سينيٽ سروسز ايڪٽ تحت سينيٽ سيڪريٽريٽ جي گريڊ 17 ?? مقرري فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ??ين??ي، گريڊ هڪ کان 16 جي مقرري جو مجاز سينيٽ سيڪريٽريٽ هوندو، ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ضم نه ٿي سگهندا.