اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي کي قومي اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قومي ايئر لائين جو ماضي شاندار آهي، پي آءِ اي کي عالمي سطح تي پنهنجو مقام واپس حاصل ڪرڻ ۽ ان کي منافع بخش بڻائڻ لاءِ ان جي سروس کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار پي آءِ اي جي ح??ال?? سان هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سينيٽر نعمان وزير خٽڪ، ايوي ايشن جو سيڪر??ٽر?? شوڪت علي، سي اي او ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، ڊي جي سول ايوي ايشن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عشرت حسين اجلاس کي پي آءِ اي جي ??ئين سر جوڙجڪ جي حڪمت عملي جي باري ۾ آگاهه ڪيو جنهن سان نه رڳو پي آءِ اي جي ??الي حالت ۾ بهتري آڻي سگهجي ??ي پر ان جي ??نافع بخش روٽ وڌائي عالمي رخن تي سروس فراهم ڪري سگهجي ??ي، ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ وزيراعظم کي پي آءِ اي جي بهتري لاءِ کنيل قدمن ۽ ان سان اداري تي پ??ند?? مثبت اثرن کان آگاهه ڪيو.