اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪس??ان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد فراز جي اڄ 12 هين ورسي ملهائي ويندي، احمد فراز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو، احمد فراز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو، احمد فراز جو پاڪس??ان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هين ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪس??ان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد فراز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اديبات پاڪس??ان جي پهرئين سربرا??ه ۽ پاڪس??ان جي شهر آفاق شاعر احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪس??ان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اديبات پاڪس??ان جي چيئرمين ڊ??ڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ اڪيڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرس??ان ۾ پنهنجي والد احمد فراز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪس??ان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد فراز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.