اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪل??ڪن دوران ڪورونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا آهن، جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 8 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جن مان 7 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ هڪ ??ريض گهر ۾ قرنطينا دوران فوت ٿ??و. ??يشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري تازي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 11 هزار 26 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 5 هزار 272، پنجاب ۾ 3 هزار 554، خيبرپ??تو??خواهه ۾ 648، اسلام آباد ۾ هڪ ??زار 271، بلوچستان ۾ 105، گلگت بلتستان ۾ 54 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 92 ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 2 لک 48 هزار 873 ٿي چڪي آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مريضن جي لاءِ مخصوص ڪيل 859 وينٽي ليٽرز تي 213 مريض آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 25 هزار 172 آهي. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي مريضن جو انگ 2 لک 80 هزار 29 آ??ي جنهن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 93، بلوچستان ۾ 11 هزار 774، گلگت بلتستان ۾ 2 هزار 180، اسلام آباد ۾ 15 هزار 76، خيبرپ??تو??خواهه ۾ 34 هزار 223، پنجاب ۾ 93 هزار 197 ۽ سنڌ ۾ هڪ ??ک 21 هزار 486 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 984 آ??ي جنهن ۾ سنڌ مان 2 هزار 224 جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران هڪ ??اڻهو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، پنجاب مان 2 هزار 148، جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 3 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته هڪ شخص گهر ۾ قرنطينا دوران فوت ٿي ويو، خيبرپ??تو??خواهه ۾ هڪ ??زار 202، جڏهن ته گذريل 24 ڪل??ڪن دوران 2 ماڻهو اسپتال ۾ ان بيماري سبب فوت ٿي ويا، اسلام آباد ۾ ڪل 165 فوتگيون، بلوچستان ۾ 136، گلگت بلتستان ۾ 55 جنهن مان گذريل 24 ڪل??ڪن دوران هڪ شخص اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويو، آزاد ڪشمير ۾ 54 ماڻهو فوت ٿي ويا، هيستائين سڄي ملڪ مان 20 لک 21 هزار 196 ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مريضن جي علاج جي لاءِ مخصوص ڪيل 735 اسپتالن ۾ هڪ ??زار 595 علاج هيٺ آهن.