چلاس – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ديامير ڀا??ا ڊيم جي تعمير سان گلگلت بلتستان خاص طور ??ي چلاس ۾ ترقي جي نئين دور ??ي شروعات ٿيندي، حڪومت گلگلت بلتستان سميت ملڪ جي پٺتي پيل علائقن ۽ ماڻهن جي ترق?? تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، پن بجلي جي پيداوار سان نه رڳو ماحول تي منفي اثر پوندا پر ملڪ ۾ سستي بجي پيدا ٿيندي، ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان نوڪرين جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي دوري دوران هتي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪن ٿيون جيڪي اڳتي وڌڻ جو سوچين ٿيون، مشڪل فيصلا ڪن ٿيون، عوامي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن ٿيون، انساني وسيلن جي ترق?? تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن چيو ته انصاف جي فراهمي، قانون جي حڪمراني ۽ صحت ۽ تعليم جي سهولتن تي ڌيان ڏيندڙ قومون ترقي جون منزلون طئي ڪن ٿيون ۽ اه?? ظلم کان آزاد ٿي وڃن ٿيون.