اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته وز??راعظم عمران خ??ن جي هدايتن جي روشني ۾ سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ 1227 آڪسيجن بيڊز فراهم ڪيا ويا آهن. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وز??ر اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو ??عليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽرين پاران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان تازي صورتحال، ذاتي تحفظ جي اوزارن (پي پي ايز) ۽ ماسڪ جي فراهمي، ??ور??نا وبا جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ اسپتالن ۾ ”ريمپ اپ پلان“ جو ??ائزو ورتو ويو. اين سي او سي کي ڏني ويندڙ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??ور??نا وائرس جي مريضن جي بهتر علاج جي لاءِ وز??راعظم عمران خ??ن جي هدايتن تي هيستائين سڄي ملڪ جي مختلف اسپتالن ۾ وڌيڪ 1227 بستر شامل ڪيا ويا آهن.