اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌ??رن واري وفاقي وزير اسد عمر نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي ??و سي) جا پهرين سئو ڏينهن ۾ وفاقي ۽ وفاقي اڪاين جي وچ ۾ مثالي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته سئو ڏينهن دوران اين سي ??و سي جا 98 اجلاس منعقد ٿيا، جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي عدم پکيڙ، ايس او پيز جي تياري ۽ عملدرآمد آئنده جي لاءِ لائحه عمل جي لاءِ تجويزون ۽ فيصلا سازي ۾ اين سي ??و سي جو اهم ڪردار رهيو.