اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چونڊ قانونن ۾ ترميم بابت ال??ڪش?? ڪميشن جا خدشا ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چونڊ عمل لاڳو ڪرڻ جي باري ۾ حتمي فيصلو ال??ڪش?? ڪميشن جو هوندو، حڪومتي ادارا سڌارن واري عمل کي شفافيت سان انجام ??يڻ ??اءِ مدد فراهم ڪندا، ووٽ هر شهريءَ جو بنيادي حق آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ 90 لک سمنڊ پار پ??ڪستانين کي انهن جو حق ڏيڻ جي ضرورت آهي. هو انٽرنيٽ ووٽنگ لاءِ ايمرجنگ ٽيڪنالاجي بابت سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميون??ڪش?? وارو وزير سيد امين الحق، ريلوي وارو وزير اعظم خان سواتي ۽ آءِ ٽي وزارت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، نادرا جي وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف، آءِ ٽي ال??ڪش?? ڪميشن جو ڊائريڪٽر جنرل خضر عزيز ۽ ٻين لاڳاپيل سينئر عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ٻاهرين ملڪ رهندڙ 90 لک پاڪستانين کي سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ ??اءِ موجوده چونڊ قانونن ۾ به بهتري آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.