اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ??يص?? چيو آهي ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، مڊل مين جي ڪردار جو تدارڪ ۽ آبادگارن کي سستي اگهه تي ڀاڻ ۽ ٻج جي ف??اه??ي سان آبادگار خوشحال ٿيندو ۽ زرعي پيداوار وڌندي جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بو??دار جو چوڻ هو ته ايندڙ بجيٽ عوام ۽ آبادگار دوست هوندي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بو??دار قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ??يص?? سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ج??هن ۾ پنجاب ۾ جاري ميگاپروجيڪٽس ۽ ايندڙ بجيٽ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ??يص?? چيو ته ملڪي معيشت ۾ زراعت ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، پارليامينٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو خصوصي زراعت ڪميٽي قائم ڪئي وئي.