اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد ??ادق سنجراڻي سان متحده عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم پارليامينٽ هائوس ۾ مل??قات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد ??ادق سنجراني چيو ته پاڪستان متحده عرب امارا?? سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن ۽ تعاون کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اڌ صدي تي ٻڌل آهن جيڪي قابل فخر آهن، سينيٽ چيئرمين چيو ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تاريخي، سماجي، ثقافتي ۽ گهڻ رخا لاڳاپا آهن ۽ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان موجوده ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.