اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 23 مارچ اسان جي قومي تاريخ جو ??هو شاندار ڏينهن آهي جڏهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وجود ۽ الڳ سڃاڻپ سان اڳتي وڌڻ جي پختي عزم جو ??ظهار ڪيو. انهي ڏينهن الڳ ملڪ حاصل ڪرڻ لاءِ عملي جدوجه?? جو باقاعده آغاز ٿيو. پاڪستان جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ ان عهد کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته اسان پاڪستان کي قاعداعظم جي سنهري اصولن موجب ??لاحي رياست بڻائينداسين.