اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪوتاهين جي نتيجي ۾ ??ڄ عوام پيسجي رهي آهي، بجلي جا مهانگا منصوبا لڳايا ويا، پهچ ۽ ورڇ جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ سسٽم جي خرابين کي ٺيڪ ڪرڻ جي رخن کي نظر انداز ڪيو ??يندو رهيو جنهن جو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بجلي جي قيمتن ۽ خاص طور تي بجلي جي شع??ي ۾ گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان ا??لاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم کي بجلي جي موجوده قيمتن، گردشي قرضن ۽ انهن قرضن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان تجويز ڪيل حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن جي نتيجي ۾ جتي ٽيڪنيڪي ۽ غير ٽيڪنيڪي نقصانن ۾ گهٽتائي جو رجحان سامهون آيو آهي اتي بجلي جي بلن جي وصولين ۾ به بهتري آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ??يو ته ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽريبيوشن لاسز (پهچ ۽ ورڇ) ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. ڀرپور ڪوشش آهي ته پهچ ۽ ورڇ جي مد ۾ ٿيندڙ اصل نقصانن ۽ نيپرا پاران منظور ٿيل شرح جي وچ ۾ فرق کي گهٽ ??رين سطح تي آڻي سگهجي. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ وصولين کي بهتر ڪرڻ جي حوالي سان ايندڙ ٻن سالن ۾ مقرر ڪيل ٽارگيٽ جي نتيجي ۾ تقريبن سوا ٽي سئو ارب روپين جي بهتري ايندي جنهن جو فائدو صارفين کي ميسر ايندو.