اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چ??و آهي ته الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون جو وزيراعظم عمران خان فتح ماڻي، نوٽ کي عزت ڏيو جو م??هن اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪارو ۽ مخالف ڌر جا ارادا هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير شبلي فراز چ??و ته عمران خان ٻيهر ثابت ڪيو ته هو هڪ سچو، ارڏو ۽ بهادر قائد آهي جيڪو اصولن تي ٺاهه نه ٿو ڪري. هن چيو ته سمورن پارليامينٽرين خاص طور تي ا??حادي پارٽين جي ميمبرن جا ٿورا مڃون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ حتمي هدف حاصل ڪرڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، قوم جي اميدن تي پورو لهنداسين انشاءَ الله.