اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) تازو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل ج??از پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ترڪ ??حريه پاڪ بحريه جي ج??از جو استقبال ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب ج??از جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گ??يل دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ ??حريه جي عملدارن خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ ??حريه جي ج??از سان گ??يل مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خاص طور تي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.